مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي اوڻٽيهه راتيون چورَ جون، ٽيھين/ ھڪ رات ڀاڳئي جي

سيد غلام حيدر شاھ قلندري.

دنيا جي فطرت ۾ رات کان پوءِ ڏينھن اچڻو آهي، زندگي کان پوءِ موت جو اچڻ لازم جز آھي، ڇو نه ڪيترو کڻي صحت کي ٺاھي رکجي، ھر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن، سڀ طريقا استعمال ھيٺ آڻجن، مصنوعي ذريعا ۽ مليل وسيلا ڪتب آڻجن، پر حڪم الاھي ھر جاندار جان کي موت جو مزو چکڻو آھي، ائين جواني کي ڪيترو به روڪبو پوڙھو ته ٿيڻو ئي پوندو آخرڪار جيڪڏھن حياتي رهي ته، ائين اميري غريبي، غم ڏک ۽ سک سڀ زندگي جي سونھن آھن، تتي ٿڌي ضرور اثر رکي ٿي، جيڪڏھن انسان جي سٺي تربيت ٿيل آھي ته فڪر ناھي، ھو اڳئي تيار آھي. ائين قحط ۽ سڪار، زمين بنجر مان زرخيز ۽ زرخيز مان بنجر ٿيڻ ۾ حڪمتون شامل آھن، جيئن خشڪي کي سمنڊ ڳڙڪايو پاڻ ساڻ ملائي ڇڏيو، ائين وري ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ خشڪ ٿيو وڃن، سڄو مفھوم سورت رحمان ۾ درج ٿيل آھي، ان قادر مطلق جي فيصلن کي ڪير آڏو ڦري، فقط دعا ھڪ وسيلو آھي ۽ سندس محبوب جي ڏسيل سيرت ھڪ پناھ گاھ آهي، ائين وري ڪي نام نھاد نقلي ۽ جوڳاڙو فَردَ جيڪي توھان کي ھر روپ ۾ ملندا، اھي وري منھن جا اھڙا ته پڪا جو سچن کي ابوجھل سڏيندا ۽ پاڻ وري ان جا سچا عاشق ۽ شاگرد ھوندا، فقط ظاھري پيڪينگ ۾ ڪمزور ذھنن کي ڏيکاءُ ڏيڻ واسطي سڀ حربا ھلائيندا، ذھني اونداهي ڇو نه ھجي، جتي سوچڻ جي سگهه کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو وڃي، انھيءَ سگهه کي ايترو ته ڪمزور ڪيو وڃي، خاص ڪري اٻوجهه ۽ بي سمجهه طبقي کي پنھنجو غلام زر خريد مريد ٺاھڻ لاءِ نموني بازيون مداري وارا کھيل فريب استعمال ڪيا وڃن، پنھنجي مقرر ڪيل واٺن جي ھٿان اڌو اڌ تحت ڪيو ٿو وڃي ھر قسم جي ڪاروبار ۾، اھڙا ڪاروبار ھر وقت ھڪ مافيا جي روپ ۾ نمودار ٿيندا رھن ٿا، الله سائين پنھنجي خاص حڪمت تحت وري انھن لاءِ مھر علي گولڙه شريف جي روپ ۾، ڪٿي وري ڀٽائي سائين جي روپ ۾ اھڙيون وضاحتون ۽ تشريح ڪرائي ٿو جو اھي پاڻ وري انھن جي شعرن جو اڌار وٺڻ تي مجبور ٿيو پون، ڪٿي وري امام احمد رباني رح جي اولاد مان سچل فاروقي نمودار ٿيو پوي، جيڪو وڏي مقصد جي ڳالهه ڪريو وڃي، وري داتا سائين ۽ ڊاڪٽر علامه اقبال اھڙا ڪردار آھن جن سچ چوڻ سيکاريو، حسيني واٽ جي نمائندگي ڪندي ۽ ڪوڙ کي ڌوڙ وجھڻ ڏيکاريو يزيد جيئن، تاريخ اسان کي شھيد عنايت به ڏئي پئي ۽ ڪوڙن فريبن ۽ تھمتن ڦاسائيل بلاول مخدوم به ڏئي پئي، اتي خواجه معين الدي چشتي اھڙا ھٿيار پاش ڪندي ڏٺو ٿو وڃي، اھي سڀ منھنجي مالڪ جا راز آھن، سواءِ تعليمات محمدي جي ڪجهه ٿيڻ ممڪن ناھي، اوڻٽيهه راتيون چورَ جون، ٽيھين/ھڪ رات ڀاڳئي جي اچڻي آھي، جيڪڏھن ڪا اھڙي اونداھي ويجھو ڏسو ته مٺيون ڀيري ڀڄو.

Read Previous

فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزه فاطمه ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي ويون

Read Next

سجاول : سجاول جي شھرين جا گم ٿيل موبائل آئي ٽي سيڪشن جي انچارج عبدالحفيظ ٽريسنگ ڪري ملاڪن حوالي ڪيا ڪري ڇڏيا

Most Popular