فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزه فاطمه ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي ويون

ڪراچي:   مشهور اداڪار فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزه فاطمه ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي ويون آهن.  ميڊيا رپورٽن موجب مشهور اداڪار فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزه فاطمه شادي جي ٻن سالن کان پوءِ رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي  هن وقت تائين ڌار ڌار زندگي گذاري رهيا آهن. رپورٽن موجب فيروز خان پنهنجي گهر واري عليزه فاطمه ۽ ان جي فيملي کي انسٽاگرام تان ان فالو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته عليزه جي امڙ به فيروز خان بابت سموريون پوسٽون ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن. ڌار ٿيڻ جي خبرن بابت ٻنهي طرفان اڃان تائين ڪنهن به قسم جو ڪوبه بيان سامهون ناهي آيو پر فيروز خان ۽ ان جي گهر واري سان جڙيل ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻنهي زال مڙسن ۾ وڇوٽيون ٿي ويون آهن. اداڪار فيروز خان ۽ عليزه فاطمه 2 سال اڳ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا. ٻنهي جو هڪ پٽ به آهي جنهن جو نالو سلطان فيروز آهي.  واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلوڪار فرحان سعيد ۽ اداڪاره عروه حسين بابت  خبرون سامهون آيون هيون  جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٻنهي هڪ ٻئي  کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي پر  اڃان تائين ٻنهي زال مڙسن طرفان ڪابه ترديد سامهون ناهي آئي.

Read Previous

ڀارتي فوج هٿان نومبر مهيني دوران پندرنهن ڪشميري نوجوان شهيد

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي اوڻٽيهه راتيون چورَ جون، ٽيھين/ ھڪ رات ڀاڳئي جي

Most Popular