پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع نوابشاھ طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو 53ھون يوم تاسيس پ پ پ شھيد ڀٽو ھائوس نوابشاھ ۾ ملايو ويو

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع نوابشاھ طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو 53ھون يوم تاسيس پ پ پ شھيد ڀٽو ھائوس نوابشاھ ۾ ملايو ويو جنھن ۾ يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو پروگرام ۾ ضلع ۽ تعلقه جي عھديدان منظور جلباڻي، غازي نجيب چانڊيو، مختيار سنڌي، ارشاد خاصخيلي، اعجاز ميراڻي، بابر مغيري، شاھڪار ملاح، ارشاد مغيري سميت ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي پروگرام ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد ذولفقار علي ڀٽو1967 ۾ پارٽي جو بنياد رکيو ھو جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو آھي اسان کي فخر آ ته اسان شھيد ڀٽو جا ورڪر آھيون ۽ اسان کي قائد چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو تي مڪمل اعتماد جو اظھار پڻ ڪيو ويو.

Read Previous

جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ جي امر شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي سخي ڄام ڏاتار جي شهر ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

Read Next

پي ڊي ايم هڪ غير فطري الائنس آھي جنهن جو ڪو به مستقبل ناھي پي ڊي ايم پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش پيو: ڊاڪٽر نوشين حامد

Most Popular