جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ جي امر شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي سخي ڄام ڏاتار جي شهر ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

نوابشاهه( رپورٽ:دانش حیدر) جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ جي امر شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي سخي ڄام ڏاتار جي شهر ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ورسي کي خطاب ڪندي جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي ۽ سڄڻ سنڌي چيو ته شهيد قومن جا هيرا هوندا آهن ۽ پنهنجن شهيدن کي ياد ڪرڻ زنده قوم هجڻ جو ثبوت آهي شهيد تاريخ جا پير ٿيندا آهن سنڌ جي بقاء ۽ سلامتي خاطر هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ وطن جي ڳالهه ڪرڻ، حاڪمن، جابرن، ظالمن، سامراجين خلاف آواز بلند ڪرڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر آهي سنڌ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي ڪڏهن سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي والار هيٺ ڏيڻ لاءِ طاقت جو زور استعمال ڪيو پيو وڃي ته وري ڪڏهن سنڌ جا سمورا معدني وسيلا سنڌ کان ڦريا پيا وڃن ۽ انهن وسيلن تي پنجاب سامجراج عياشيون ڪري رهيو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن جن جو مقصد سنڌ ڦُرڻ ۽ لُٽڻ آهي سنڌ جا ماڻهو هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن سنڌ جي ويرين وطن جي ويرين سان جنگ ڪري پنهنجي صدين جي شاندار ثقافت ڪلچر جي سجاڳي جو ڪردار ادا ڪيو آهي هن چيو ته حفيظ منگي قومي تحريڪ جو بي باڪ مخلص کرو سچو ۽ بهادر ڪارڪن هُيو اهڙا عظيم انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن کي پنهنجي وطن جو اونو هوندو آهي سندس وصال قومي تحريڪ ۾ خال پيدا ڪيو آهي. انهي موقعي تي گل ڏاهري، مصطفيٰ ڏاهري، منير ابڙو، عارف خاصخيلي، شريف ڌوئنرو، گل منگي، منظور منگي، شهيد جو فرزند سميع الله منگي، حيدر سنڌي، معشوق ڏاهري، معشوق منگي ۽ ٻين خطاب پڻ ڪيو ٻئي طرف جسقم ضلعي نوابشاهه جي باڊي پاران ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي نوابشاهه ۾ هڙتال دوران نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ٽي پي اڳواڻن تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ انهن جي ضمانت رد ٿيڻ خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا نوابشاهه ۾ پوليس حڪمرانن جي ونگاري بڻيل آهي.

Read Previous

بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ دائم سولنگي ۾ هفتو اڳ قتل ٿي ويل نوجوان لياقت سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو

Read Next

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع نوابشاھ طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو 53ھون يوم تاسيس پ پ پ شھيد ڀٽو ھائوس نوابشاھ ۾ ملايو ويو

Most Popular