پٽ کي ٽيهن سالن تائين ڪمري ۾ قيد رکندڙ ماءُ گرفتار

لاهور:سوئيڊن جي گادي واري شهر ۾ پنهنجي پٽ کي 30 سالن تائين اپارٽمينٽ ۾ قيد رکڻ جي الزام ۾ 70 ساله ماءُ کي گرفتار ڪيو ويو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسٽاڪ هوم ۾ هڪ اپارٽمينٽ ۾ 40 ساله ماڻهو زخمي حالت ۾ مليو آهي. سويڊش ميڊيا موجب هن شخص جي مائٽ اختيارين کي هن معاملي بابت آگاهي ڏني. سويڊس ميڊيا موجب چاليهه ساله شخص اپارٽمينٽ جي فرش تي هڪ ڪمبل تي پيل مليو. ان جي جسم تي زخم ناسور بڻجي چڪا آهن ان جي منهن ۾ ڏند به ناهن رهيا ۽ نه ئي هو ڳالهائڻ جي قابل آهي.حڪومتي پراسيڪيوٽر موجب مذڪوره شخص کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي ۽ ان جي سرجري جي ضرورت ٻڌائي پئي وڃي. مقامي اخبارن جو چوڻ آهي ته اپارٽمينٽ مان ملندڙ شخص کي 12 سالن جي عمر ۾ اسڪول مان ڪڍيو ويو هو. 1995ع ۽ 1996ع ۾ هن کي انهيءَ اپارٽمينٽ جي ڀتن مان جهاتيون پائيندي ڏٺو ويو پر  ان کان پوءِ ان اپارٽمينٽ جي ڀتين کي وڏو ڪري ڍڪيو ويو هو.اپارٽمينٽ مان بازيابي کان پوءِ مذڪوره شخص جي ماءُ پنهنجي پٽ کي حبس بيجا ۾ رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيندڙ ماءُ پٽ کي قيد رکڻ ۽ ان تي جسماني تشددڪ رڻ جي الزام جي ترديد ڪئي آهي. ان کان علاوه اڃان تائين ايتري وڏي وقت جي لاءِ ماءُ طرفان پٽ کي قيد رکڻ جا سبب  به خبر نه پئجي سگهيا آهن.

Read Previous

نيوزيلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي هڪ ٻئي رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي

Read Next

عورت نه کدڙو فقير آهيان: مشهور اداڪارا ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Most Popular