عورت نه کدڙو فقير آهيان: مشهور اداڪارا ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

لاس اينجلس ڪيترين ئي فلمن، ويب سيريز ۽ ڊرامن ۾ عورت جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪينيڊين ڄائي آمريڪي اداڪارا 33 ورهين جي ايلن پيج انڪشاف ڪيو آهي ته اصل ۾ هو عورت نه پر کدڙو فقير آهي.ايلن پيج 1997ع ۾ ننڍي عمر ۾ ڪينيڊين ٽي وي سي بي سي تي اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ شروعات دور کان هيل تائين هو هڪ عورت جي طور تي ڪم ڪندي رهي آهي.ايلن پيج کي ان وقت شهرت ملي هئي، جڏهن هن 2005ع ۾ آمريڪي ٿرلر فلم هارڊ ڪينڊي ۾ هڪ اهڙي 14 ورهين جي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي هڪ مرد وحشياڻو جنسي تشدد ڪندو هو.ان کانپوءِ ايلن پيج 2007 جي ڪاميڊي رومانٽڪ فلم جونو ۾ به هڪ اهڙي جوان ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو هو، جيڪا نه چاهيندي به ڳورهاري بڻجي وڃي ٿي.

Read Previous

پٽ کي ٽيهن سالن تائين ڪمري ۾ قيد رکندڙ ماءُ گرفتار

Read Next

سجاول جي احساس ڪفالت پروگرام ۾ عورتن جو ھجوم ٿيڻ لڳو.ايندڙ عورتن کان ايجنٽ ۽ پوليس اھلڪار سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جا 500 روپيا وٺڻ لڳا آھن

Most Popular