نوشهروفيروز: ڏاهري برادري جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي بعد گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء توڙي ڪوڙن ڪيس خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز ڊ ر   نوشهروفيروز ۾ پ پ ۾ شموليت نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڳوٺ مصر جي واء ۾ خليفي عبدالسلام ڏاهري جي اوطاق ۽ ڏاهري برادري جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي بعد گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء توڙي ڪوڙن ڪيس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي محمد رمضان ڏاهري , محمد ياسين , صدام علي , حمير خان ڏاهري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن پوليس خلاف نعري بازي پڻ ڪئي ۽ ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ظلم جي انتها آهي ته نوشهروفيروز پوليس جو ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ جيڪو پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار جو ونگارو بڻجي اسان جي ڳوٺاڻن لاء وڏو عذاب طاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اسان جي بيگناهه ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس ڪري اسان جي وفاداري ڦيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي هنن چيو ته هڪ سئو سال کان اسان پير سائين پاڳاره جا جماعتي آهيون جيڪا وفاداري اسان مٽائڻ جي ڳالهه به سوچي نه ٿا سگهئون پ پ انتقامي ڪاروائي ڪري پوليس کي استعمال ڪري رهي آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن مطالبو ڪيو ته فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن تي داخل ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس جي چڙهائي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن پ پ جي ونگارو پوليس جي پت وائکي ٿي سگهي ۽ اسان سان انصاف ٿئي

Read Previous

متحده فيڊريشن ايريگيشن يونٽ دادو جي طرفان آبپاشي انجنئر خوشي محمد شيخ جي ناجائيزين خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سڪرنڊ ۾ قائم ڪيل احساس پروگرام سينٽر جو جائزو ورتو

Most Popular