متحده فيڊريشن ايريگيشن يونٽ دادو جي طرفان آبپاشي انجنئر خوشي محمد شيخ جي ناجائيزين خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو (رپورٽ ۔محمد علی شیخ ) متحده فيڊريشن ايريگيشن يونٽ دادو جي طرفان آبپاشي انجنئر خوشي محمد شيخ جي ناجائيزين خلاف اڄ سرڪل سڄي جي آبپاشي ملازمن قلم ڇوڙ ڪري آفيسن جي تالا بندي ڪرڻ بعد انجنئر آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪري  سوين ملازمن مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا سندن  هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا   جن مٿان انجنئر هٽايو ايريگيشن بچايو  لکيل هيو   ان موقعي تي آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن ضلع دادو جي جرنل سيڪريٽري لالا عبدالرحمان ملاح _ متحده ايريگيشن فيڊريشن جي ضلع صدر بشير احمد ميمڻ، رئيس گل حسن خان ٻٻر ، اسٽورڪيپر علي اڪبر ڪنڀر ، منظور ٻٻر، نياز ڪابورو  ۽ ٻين  سخت احتجاج ڪندي  چيو ته  آبپاشي انجنئر  جي حڪم تي دادو ڪينال ۽ جوهي بئراج مان نڪرندڙ مختلف شاخن جاگير مائينر ، پير ڳڻيو شاخ، خداآباد ،پپري ، لانڊي ، ڦڪا ،ستي شاخ، ڀنڀا شاخ، دڙا شاخ ، لاکا شاخ،  جڙيل شاهه مائينر، بيبو ديرو ۽ ٻين ڪيترين ئي شاخن جي پرائيويٽ پٺاڻ ٺيڪيدارن وسيلي اوڌر تي خاٽيون ڪرايون آهن جن جون لکين روپيه رهتون رهيل آهن جيڪا پيمينٽ کين نه پئي ڪري ڏني وڃي جنهن جو سڄو پريشر اسٽور ڪيپر مٿان آهي جڏهن ته سيڪريٽري آبپاشي پاران مختلف رهتن لاءِ ڏيڊ ڪروڙ روپين جو رليز ليٽر پڻ اچي چڪو آهي انجنئر اهي پئسا هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته هي احتجاجي تحريڪ جي صورت ۾ هر روز جي بنياد تي سڄي ڊويزن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سان گڏ سکر بئراج وٽان پاڻي بندي ڪئي ويندي  جنهن جو زميوار  انجنئر هوندو ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاهه ، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، سيڪريٽري آبپاشي چيف انجنئر ايريگيشن کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪري ڏنو وڃي .

Read Previous

خيرپور : گهر بچايو واهر ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 50 سال پراڻا ٺهيل غريبن جا گهر ڊاهڻ بند ڪيو

Read Next

نوشهروفيروز: ڏاهري برادري جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي بعد گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء توڙي ڪوڙن ڪيس خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular