مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سڪرنڊ ۾ قائم ڪيل احساس پروگرام سينٽر جو جائزو ورتو

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرملاح) مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سڪرنڊ ۾ قائم ڪيل احساس پروگرام سينٽر جو جائزو ورتو . ان موقعي هن سينٽر تي مقرر عملي کي خصوصي هدايتون ڏيندي چيو ته  مريض ۽ ڪمزور مستحقن کي ترجيح ڏيندي ، انهن کي پهرين پئسا جاري ڪيا وڃن هن اتي موجود مردن ۽ عورتن کي ڪورونا وائرس جي بچاءَ کان  ماسڪ ، سماجي وٿي ۽ سخت احتياط ڪرڻ جي تلقين پڻ ڪئي . مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري  ڪيترين ئي ٻڍڙين ۽ ڪمزور عورتن کي ويل چيئرس تي ويهاري خود پئسا وصول ڪرائي ڏنا . ياد رهي ته سڪرنڊ ۾ به مفلس ۽ مستحق ماڻھن جي مالي مدد ڪرڻ لاء وزير اعظم عمران خان طرفان اعلانيل احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي . ان سلسلي ۾ تعلقي سڪرنڊ ۾ پنج سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ، جن ۾ گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سڪرنڊ ، دليل ديرو ،  کڏھر ، پنهل خان چانڊيو ۽ ماڙي جلباڻي شامل آهن . ان کانسواء حبيب بئنڪ سڪرنڊ مان پڻ ATM ذريعي پئسا وصول ڪيا پيا وڃن .

Read Previous

نوشهروفيروز: ڏاهري برادري جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي بعد گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء توڙي ڪوڙن ڪيس خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

وفاقي حڪومت کنڊ جي اگهن ۾ ويهه کان 23 روپين جي لاٿ ڪري ڇڏي

Most Popular