ايران ۾ عالمي ادارن کي جوهري ٺڪاڻن جي معائني کان روڪڻ جو قانون منظور

تهران: ايران جي پارليامينٽ گڏيل قومن جي معائنو ڪندڙن کي جوهري ٺڪاڻن جي جاچ کان روڪڻ جو قانون منظور ڪري ورتو آهي. عالمي خابرو اداري موجب ايران جي پارليامينٽ هڪ اهڙي قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي معائنو ڪندڙن کي ملڪ جي جوهري ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ جوهري معاهدي 2015 جي صحيحون ڪندڙ ملڪن ايران بابت تيل ۽ بينڪنگ تي لڳل پابندين ۾ نرمي نٿي ڪئي وڃي ته ايران به عالمي جوهري معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي يورينيم جي افزودگي کي وڌائي ڇڏيندو. مذڪوره بل جي منظوري لاءِ آئيني نگران گاجين ڪائونسل جي منظوري به گهربل هوندي جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ئي جوهري پاليسين جي باري ۾ حتمي فيصلو ڪندو. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب 290 مان 251 قانون ٺاهيندڙن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ايران اهڙي ڪوشش آمريڪي پابندين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي.

Read Previous

ڪراچي گيس سلينڊر ڌماڪي سبب ٻارڙو فوت، 6 ڄڻا زخمي

Read Next

اسان جو مشن عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي: يوسف رضا گيلاني

Most Popular