نوشھرو فيروز : شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ناحق خون سان انصاف لاءِ قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ 4 ڪلاڪ ڌرڻو

نوشھرو فيروز :  شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ناحق خون سان انصاف لاءِ قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ 4 ڪلاڪ ڌرڻو، صحافين کان علاوه جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اڳوڻي ايم اين اي سيد ظفر شاھ، سنڌ رواداري فورم جي پنهل ساريو، جي يو آءِ، ايس يو پي، پ پ ش ڀ، ايس ٽي پي، مسلم ليگ ن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين جي سوين ڪارڪنن جي شرڪت، پوليس خلاف سخت نعري بازي، خبر موجب محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ناحق خون ۽ 9 مهينن تائين انصاف نه ملڻ تي قلم ڌڻين جي سڏ تي نوشھرو فيروز ۾ زبردست ريليون نڪتيون پوري ضلعي نوشهرو فيروز، نوابشاھ، دادو ۽ خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن جي پريس ڪلبن جا اڳواڻ جلوسن جي صورت ۾ پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو صبح کان ئي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا جتي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو بعد ۾ اتان هڪ وڏي ريلي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صحافي اڳواڻ ايم ظفر تڳر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري سخت نعري بازي ڪندي ايس ايس پي آفيس پهتي جتي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي پوليس کي خبر هوندي به سندن گرفتاري نه ٿيڻ سندن ناڪامي آھي ۽ ان ناڪامي تي سنڌ جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج آھن هن چيو ته شهيد جي قتل جو ماسٽر مائنڊ مشتاق سهتو ۽ لڪل هٿ ظاهر ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. هن قومي ڪارڪن اظھر ميمڻ جي ٺاروشاھ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ تشدد ۾ مارڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پوليس کيس ماري ڪيس ٽوڙي مروڙي رهي آھي هن چيو ته قومپرست تنظيمون اڃا ختم نه ٿيون آھن پوليس عقل کان ڪم وٺي انصاف ڏيئي. اڳوڻي ايم اين اي سيد ظفر علي شاھ، صحافي ايم ظفر تڳر، سنڌ رواداري فورم جي پنهل ساريو، درگاھ سيد جمن شاھ جي گادي نشين پير رڪن الدين ھاشمي قريشي، اخلاق جوکيو، جي يو آءِ جي اڪرم پيرزادو، مسلم ليگ ن جي ضلعي صدر منظور احمد مغل، محمد بچل ھنڱورو، قاضي اياز عالم، عبدالمجيد ڪيريو، شاھد سومرو، آصف راھوجو، مھر وسطڙو، سميت ٻين صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين سنڌ حڪومت جي جي آءِ ٽي کي رد ڪندي وفاقي ادارن تي مشتمل نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جي گهر ڪندي چيو ته فوري طور تي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جا مک قاتل ماسٽر مائنڊ کي گرفتار ڪري قتل ۾ ملوث سمورا هٿ ظاهر ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي نه ته هيءُ احتجاجي سلسلو رڪجڻ وارو ناهي ۽ هاڻي اسان جو رخ ڪراچي آءِ جي آفيس هوندو

Read Previous

سڪرنڊ : بهتري ڪميٽيء جو مقصد تعلقي اسپتال سڪرنڊ کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ آهي ، جنهن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ملي سگهي

Read Next

سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جي امڙ مرحومه شميم اختر جي ايثال ثواب لاء ٻين ضلعن جيان سکر ضلعي ۾ به مسلم ليگ ن ضلعي سکر طرفان قرآن خواني ڪرائي

Most Popular