سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جي امڙ مرحومه شميم اختر جي ايثال ثواب لاء ٻين ضلعن جيان سکر ضلعي ۾ به مسلم ليگ ن ضلعي سکر طرفان قرآن خواني ڪرائي

سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف۔ن ليگ صدر ميان شھباز شريف جي امڙ مرحومه شميم اختر جي ايثال ثواب لاء  ٻين ضلعن جيان سکر ضلعي ۾ به مسلم ليگ ن ضلعي سکر طرفان قرآن خواني ڪرائي ضلعي سيڪريٽريٽ ۾ دعا گهري وئي دعا پروگرام ۾ ضلعي صدر خورشيد احمد ميراڻي۔جنرل سيڪريٽري اعظم خان۔ آغا عارف خان دراني۔شيرمحمد الرو۔الله داد بوزدار۔احمد حسين ڀٽي۔ڪاشف عباسي۔گل حسن کوسو۔عبدالفتاح ابڙو۔شميم رزاق۔شيخ نظام جان۔خالد آرائين۔عدنان راجپوت۔بابو کوسو ۔اخلاق هاشمي سميت وڏي انگ ۾ عهديدارن ۽ڪارڪننشرڪت ڪئي۔ مرحومه جي مغفرت ۽ قبر ۾ درجات بلند ڪرڻ ۽ جنت الفردوس عطا ڪرڻ  لاء رب پاڪ کان دعا گهري وئي ۔ان موقعي تي  ضلعي صدر خورشيد ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته امڙ جي وڇوڙي جو صدمو وڏو آھي الله پاڪ قائد ميان نواز شريف۔شھباز شريف ۽ سندن خاندان کي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرڻ فرمائي۔ڏک جي گهڙي ۾ اسان ساڻن گڏ آھيون۔صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد ميراڻي جو چوڻ عمارن خان حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ملڪ تباهي ڪناري پهتل آھي عمران خان هاڻي دلفريب تقريرون ڪري عوام کي وڌيڪ بيوقوف بڻائي نه ٿو سگهي هن وڌيڪ چيو ته عمران حڪومت طرفان ن ليگ قائدسميت صدر ۽ ٻين مٿان لڳايل ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جون نظام سنڀاليندا غريب عوام موجوده حڪومت کان تنگ ٿي ويو آھي پي ٽي آء حڪومت جي ظلم کان ڊڄڻ وارا ناهيون ڪارڪن پارٽي اڳواڻن لاء هر قرباني ڏيندا جيل جون سختين کان ڊڄڻ وارا ناهيون ڪارڪن پارٽي قيادت سان گڏ آھن۔

Read Previous

نوشھرو فيروز : شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ناحق خون سان انصاف لاءِ قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ 4 ڪلاڪ ڌرڻو

Read Next

معذورن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج

Most Popular