ڪنڌڪوٽ : معصوم عليشا سان ماءٌ سامھون اجتماعي ڏاڍائي وارو واقعو انتھائي دردناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ ھيو: ايس ايس پي ڪشمور

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان ۾ ٻارڙن مٿان تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاريءَ چيو آھي تھ ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم عليشا سان ماءٌ سامھون اجتماعي ڏاڍائي وارو واقعو انتھائي دردناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ ھيو، اِن افسوسناڪ واقعي متعلق پورو سنڌ ڏک ۾ ورتل ھيو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد احمد شيخ معصوم نياڻيءَ کي ماءٌ سميت بازياب ڪرائي سنڌ واسين جون دليون کٽي ورتيون ۽ ھڪ وحشي درندو پنھنجي انجام تي پھتو باقي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. امجد احمد شيخ جي ڪنڌڪوٽ ۾ مقرري دوران امن امان جي صورتحال ۾ بھتر اچڻ سان گڏ ڏوھارين پريشان ٿي ويا آھن، اھڙي فرض شناس آفيسر کي معصوم عليشاءَ جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ تي کيس مان ڏيندي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي، اجرڪ اوڍائي کيس آفيس وڃي ساحل طرفان گلن جا ھارا پارايا ويا ۽ اميد ڪجي ٿي تھ امجد احمد شيخ بھادريءَ سان ڪم جاري رکندو ۽ سنڌ جي بين ضلعن جا ايس ايس پيز بھ امجد احمد شيخ کي ان معامري ۾ رول ماڊل تسليم ڪري معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتي ڪندڙن خلاف ڪاروايون ڪري متاثرن کي انصاف ڏياريندا.

Read Previous

سکر : ٺل جي شھر ڳڙھي حسن سرڪي جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماء مسمات ثمينه ڌوهو سان گڏ احتجاج ڪندي

Read Next

سکر: کوسا اتحاد پاڪستان سکر جي عهديدارن جو اجلاس، ڊويزنل چيئرمين گل حسن کوسو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Most Popular