سکر : ٺل جي شھر ڳڙھي حسن سرڪي جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماء مسمات ثمينه ڌوهو سان گڏ احتجاج ڪندي

سکر(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ) جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل جي شھر ڳڙھي حسن سرڪي جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماء مسمات ثمينه ڌوهو اڳوڻي موالي مڙس جي ڏاڍاين خلاف معصوم ٻارڙن 5 ورهين جي نعمان علي۔3 ورهين جي ناظمه ۽ٻن ورهين جي رضوان سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته سندس اڳوڻومڙس پهلوان عرف ننڍو سرڪي گهر جو خرچ پکو ڏيڻ بجاء ٻارڙن ۽ مٿس تشدد ڪندو جنهن جي ظلم کان تنگ ٿي مڙس جي گهران نڪري عدالت ذريعي طلاق ورتي آھي ان باوجود هو ڪجھ ڏينهن اڳ مائٽن جي گهر اچي معصوم ٻارڙن ۽ مونکي تشدد ڪندي ڀاء سان ڪوڙو ڪارنهن جو  الزام هڻندي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون آھن جنهن سبب اسان جي حياطن کي خطرو آھي ۔ملندڙ ڌمڪين سبب پيڪن جو گهر ڇڏي در بدري واري زندگي گزاري رهي آھيان هن چيو ته پهلوان سرڪي سان 9 سال اڳ شادي ڪئي هئي جنهن مان ٽن ٻارن جو اولاد آھي نشئي پهلوان سرڪي گهر جو خرچ ڏيڻ بجاء منشيات خريدڻ لاء پئسا گهرندو هو نه ڏيڻ تي سخت تشدد ڪندو هو جڏهن ته ممتازسرڪي۔حاڪم۔مقيم۔روشن۔عمران سرڪي جيڪي سندس ويجها مائٽ اٿس انهن جي چوڻ تي طلاق وٺڻ کان پوء ڀاء سان الزام ڏنو آھي ۔هن آء جي سنڌ۔ڊي آء جي لاڙڪاڻو۔ ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته اڳوڻي مڙس ۽ ان جي مائٽن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽تحفظ ڏئي مون سميت معصوم ٻارڙن جون حياطيون بچايون وڃن

Read Previous

ڪولهي برادري جي ڪٽنب موجب ڀارت ۾ اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، اتي جون ڏکيائيون، رويه ۽ معاشي حالتون ڏسي اسان واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو

Read Next

ڪنڌڪوٽ : معصوم عليشا سان ماءٌ سامھون اجتماعي ڏاڍائي وارو واقعو انتھائي دردناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ ھيو: ايس ايس پي ڪشمور

Most Popular