نوشهروفيروز ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز : نوشهروفيروز ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي , موريل خان سولنگي , عبدالرشيد وسطڙو , اعجاز ميمڻ , طارق حسين وسطڙو , سوڍو خان مهر , عقيل وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن حقن جي حاصلات لاء نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم اسڪيل , پروموشن , سن ڪوٽا , ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ , پگهارون وڌائڻ سميت جائز مسئلن جي لاء احتجاج ڪري رهيا آهيون پر حڪومت ان طرف ڌيان نه پئي ڏئي هنن چيو ته اسان جا ملازم جن جي سروس ٽيهه سال هجڻ جي باوجود به ساڳئي پنجين اسڪيل ۾ آهن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا ملازم يارهين اسڪيل ۾ ملڪ هڪ آهي ته پوء سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا حل ڪري ذهنن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي

Read Previous

سکر: کوسا اتحاد پاڪستان سکر جي عهديدارن جو اجلاس، ڊويزنل چيئرمين گل حسن کوسو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Read Next

سکر: سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاريندڙ ۽انساني جانين سان کيڏندڙ؛ ايل؛ پي؛ جي؛گئس بس ٽرمينل سکر تي سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي

Most Popular