سکر: سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاريندڙ ۽انساني جانين سان کيڏندڙ؛ ايل؛ پي؛ جي؛گئس بس ٽرمينل سکر تي سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي

سکر (خصوصی رپورٽ ) سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاريندڙ ۽انساني جانين سان کيڏندڙ؛ ايل؛ پي؛ جي؛گئس بس ٽرمينل سکر تي سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي؛ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو سندن مالڪن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ؛ ان حوالي سان سماجي اڳواڻ محمد ابراهيم گل محمد ؛ ڪريم بخش؛ ۽ٻين ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاريندڙ ايل؛پي؛جي گئس وڪرو ڪندڙ مالڪ مافيه جهڙو روپ اختيارڪري ويا آھن جنهن خلاف ريجنل ٽرانسپورٽ سيڪريٽري ڪاروائي ڪرڻ کان به ڪيٻائي ٿو ۽ غيرقانوني طريقيسان ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙ مافيه سرعام بس ٽرمينل سکر ڀرسان ايل پي جي گئس وڪروڪري رهيا آھن ۽ ويگنن ۾ فٽ ٿيل پراڻا گئس سلينڊر ڪڏهن به نقصان رسائي سگهن ٿا ۽ سفر دوران پراڻا سلينڊر برسٽ ٿيڻ جو خدشو آھي ۽ انساني جانيون به ضايع ٿي سگهن ٿيون پر ريجنل ٽرانسپورٽ سيڪريٽري توڙي عملو ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھن هوڏانهن ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙ مالڪن الزام مڙهيندي چيو ته اسان هر اداري کي ڳري رقم ڏئي ٽرانسپورٽ آفيسرن توڙي پوليس آفيسرن جو ضميرخريد ڪري ڇڏيو آھي جنهنکان پوء اسان خلاف ڪوئي به ڪاروائي ڪرڻ لاء نه ايندو ۽ اسان جا دڪان توڙي مارڪيٽ سرعام ڏينهن رات کليل رهندا آھن هوڏانهن سماجي اڳواڻن اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته فورن ايل پي جي گئس مافيه کان خلاف ڪاروائي ڪري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملوڪرائي انساني جانيون بچايون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪمشنر آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو!

Read Previous

نوشهروفيروز ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

رسگاهون يونيورسٽيون هجن ، ڪاليج هجن يا اسڪول هجن اهي سڀ شاگردن لاءِ ايئن آهن آهن جيئن اولاد لاءِ ماءُ جي هنج هوندي آهي : ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

Most Popular