پي ڊي ايم سکر پاران نااهل حڪومت ۽ پنجاب ۾ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ گھرن تي ڇاپن خلاف مدرسي،منزل گاھ کان پريس ڪلب سکر تائين احتجاجي ريلي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) پي ڊي ايم سکر پاران نااهل حڪومت ۽ پنجاب ۾ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ گھرن تي ڇاپن خلاف مدرسي،منزل گاھ کان پريس ڪلب سکر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،خبر موجب پي ڊيم ايم سکر پاران پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمن جي سڏ تي نااھل وفاقي حڪومت پنجاب ۾ پي ڊي ايم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ڇاپن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي جي يو آء،ضلع سکر جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍھڙ ۽ جي يوآء سٽي سکر جي امير مفتي سعود افضل ھاليجوي ۔پ پ سٽي سکر جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽرارشدمغل سميت ٻيا ڪري رھيا ھئا، حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، مظاهرين جي ھٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي نااهل حڪومت نامنظور، سليڪٽيڊ حڪومت نامنظور جا نعرا لکيل ھئا،ان موقعي تي جي يوآ۽ اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده نااھل۽ سليڪٽڊ حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪي تاريخ جي بدترين مھانگائي بيروزگاري ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڪري ڇڏيو آھي عمران حڪومت عوام جي لا۽ عذاب ثابت ٿي آھي، ھاڻ عوام جلد ھن حڪومت مان ڇوٽڪارو چاھي ٿو، پي ڊي ايم عوام جو آواز بڻجي ڪري اڀري آھي اسان حڪومت جاپيرڪڍي ڇڏينداسين، لاھور13ڊسمبرتي مينارپاڪستان جوجلسو حڪومت جي ٻيڙي۾ آخري ڪو ڪوثابت ٿيندو ان موقعي تي مولاناعبدالڪريم عباسي حافظ عبدالحميدمھر مفتي قمرالدين ملاڻو ،مولاناعلي اڪبرعباسي قاري لياقت مغل مفتي اعظم مھر سميت ٻيااڳواڻ موجودھئا

Read Previous

سيوهڻ: ڳنڀير پوري سنڌ جيان اڄ ڀان ۾ به سنڌ ثقافتي ڏهاڙي ملهايو ويو

Read Next

مٽياري ۾ به ثقافتي عيد جون تقريبون هر طرف ثقافتي رنگن جي بھار اجرڪ ٽوپي . پٽڪو ۽ سنڌي لباس پهري پوڙهن پڪن نوجوانن ۽ ٻارڙن جون جهمريون مختلف تنظيمن طرفان ثقافتي ريليون سنڌي گيتن تي رقص …

Most Popular