مٽياري ۾ به ثقافتي عيد جون تقريبون هر طرف ثقافتي رنگن جي بھار اجرڪ ٽوپي . پٽڪو ۽ سنڌي لباس پهري پوڙهن پڪن نوجوانن ۽ ٻارڙن جون جهمريون مختلف تنظيمن طرفان ثقافتي ريليون سنڌي گيتن تي رقص …

مٽياري ۾ به ثقافتي عيد جون تقريبون هر طرف ثقافتي رنگن جي بھار اجرڪ ٽوپي . پٽڪو ۽ سنڌي لباس پهري پوڙهن پڪن نوجوانن ۽ ٻارڙن جون جهمريون مختلف تنظيمن طرفان ثقافتي ريليون سنڌي گيتن تي رقص …تفصيل موجب هزارين سال قديم سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان مٽياري ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب مٽياري پريس ڪلب اڳيان ٿي جنهن ۾ ضلعي جي مختلف شهرن مان اجرڪ ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوجوان ريلين ۽ ٽولين جي صورت ۾ شريڪ ٿيا مٽياري شهر ۾ سڄو ڏينهن ثقافتي رنگن جي بهار جاري رهي پوڙها پڪا نوجوان ۽ ٻارڙا سنڌي لباس پائي پنهنجي ثقافت سان محبت جو انمول اظهار ڪرڻ لاء سڄو ڏينهن سنڌي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏ ٻارڙن جو پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڏسڻ وٽان هو ٻارڙا ثقافتي ڏينهن تي عيد جيان مشڪندي نظر آيا جڏهن ته ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان مختلف سياسي سماجي . قومپرست پارٽين ۽ سماجي تنظيمن . پي پي . ايس ٽي پي . جسقم . قومي عوامي تحريڪ سميت سماجي تنظيم دي روز انٽرنيشنل . هاشمي هائوس ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن ريلين جي صورت ۾ ثقافتي عيد ۾ شرڪت ڪئي

Read Previous

پي ڊي ايم سکر پاران نااهل حڪومت ۽ پنجاب ۾ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ گھرن تي ڇاپن خلاف مدرسي،منزل گاھ کان پريس ڪلب سکر تائين احتجاجي ريلي

Read Next

سانگهڙ: ميونسپل ڪميٽي جي عملي جي لاپرواهي ڪتن کي مارڻ لاءِ زھر سان ڀريل مٺائي رستن جي پاسي کان اڇلائي ويا

Most Popular