دادو ۾ به 5000 سال پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش

دادو:(ڊ ر) ڳوٺ ڪولاچي جي رھواسين امتياز علي سولنگي مسمات خانزادي مسمات صاحبزادي سولنگي عبدالله سولنگي وحيد سولنگي راحب گهانگهرو منير گهانگهرو مجاهد سولنگي نبن سولنگي الهوڌايوسولنگي ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آھي ته ٻن ڏينهن جو ڄاول ٻار اسان ميهڙ علاج لاءِ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ وٽ وياسين ۽ هن کي چيوسين ته اسان کي اهو ٻڌايو ته اسان جو ابھم ٻارڙو ٺيڪ نه آھي ته رهايو. ڊاڪٽر ٻار جو چيڪ اپ ڪري چيو ته ڇوڪرو صحيح آھي ۽ مان هن کي داخل ڪيان ٿو پرائيوٽ سينٽرآھي منهنجي فيس روزانه 10 کان 15 هزار ٿيندي. اسان چيوسين ٺيڪ آھي ۽ ڊاڪٽر علاج شروع ڪيو ۽ 8 ھين ڏينهن ڇوڪرو رات جو فوت ٿي ويو. اسان ڊاڪٽر کي چيو ته ڇوڪرو وفات ڪري ويو آھي اسان کي موڪل ڏي ته ڇوڪرو کڻي وڃون هن چيو ته نه ڇوڪري جي دل هلي ٿي ۽ هي ڏه پندرنهن هزار جون وري به دوائون وٺي اچو ۽ اھڙي نموني سان هن اسان کي خوامخواه پنهنجي فيسن ۽ پنهنجي اسٽور جي دوائن جي آڙ ۾ سوا لک خرچ ڪرايو ڊاڪٽرکي اين جي او طرفان مليل صحت ڪارڊ ڏنو ته ڪارڊ اڇلائي ڏنو ۽ اسان جي ڇوڪري جي حياتي به نه بچائي سگهيو.مظاھرين صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سينٽر بند ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊاڪٽر خلاف پوليس ۽ ڪورٽ وڃڻ جو پڻ چتاءُ ڏنو.

Read Previous

سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا: سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ڪشمور ۾ به اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هر طرف ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار هئي هر شخص ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ويو

Read Next

نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ کي آئسوليشن ختم ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

Most Popular