سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا: سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ڪشمور ۾ به اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هر طرف ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار هئي هر شخص ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ويو

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) :سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا: سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ڪشمور ۾ به اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هر طرف ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار هئي هر شخص ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ويو هو،گڊو ۽ ڪشمور ۾ به ثقافتي ريليون ڪڍيو ويون،خبر موجب :سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي اڄ پنهجي قومي عيد ثقافتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن ڪشمور ۾ به رهندڙ سنڌي اڄ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڄ ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. مختلف شهرن ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پهري سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، هر سال جيان هن سال به اڄوڪو ڏينهن ڪلچرل ڊي جي طور تي ملهايو پيو وڃي. ان جي حوالي سان سنڌ جي هزارين سالن جي قديمي روايت جا امين سنڌ واسي روايتي لباس  اوڍي اجرڪ ۽ ٽوپي سجائي سنڌ جي رنگا رنگ ڌرتي سان يڪجهتي جو اظهار ۽ نوجوان نسل کي سنڌ جي ثقافت سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ نڪرندا آهن.سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڊو، ڪشمور ۾ ايڪتا ريليون ڪڍيو ويون . نوجوانن طرفان سنڌي اجرڪ ٽوپي پهري علاقائي ڌنن تي رقص ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته ثقافتي رنگن ۾ رنگجي عورتون ۽ ٻارڙا به پرجوش نظر اچي رهيا آهن، گڊو ۾ ليبر ڪلب کان ايس ٽي پي اڳواڻ خادم حسين بوهڙ، بشير احمد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪشمور ۾ ايف ايم آفيس کان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شهري اتحاد، شهري ايڪشن ڪاميٽي، پي پي پي طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيو ويو،ريلي ۾ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ثقافتي ريلي ۾ شريڪ شھرين ثقافتي لباس پھري سنڌي گيتن تي رقص ڪندا رهيا ريلي مختلف رستن کان ٿيندي علمدار چوڪ وٽ پھتي جتي سوين جي تعداد ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھر واسين مک ثقافتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، شهرين جو چوڻ هو ته ھي قومي عيد ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان سنڌ واسين کي ايڪي ۽ ٻڌي قائم رکڻ جي لاءِ گڏايو آهي ۽ ھي قومي عيد جو ڏھاڙو ھر سال نون رنگن سان اڳ کان اڳڀرا ٿي ملھائيندا رهندا سين اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق جي قبضي کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو سنڌ خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسين سڀ سنڌ واسي متحد آهيون،

Read Previous

روزاني آس سميت سمورن سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چينلن پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ” سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت “ جي نانءُ سان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

Read Next

دادو ۾ به 5000 سال پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش

Most Popular