پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ ستٽيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:   عالمي وبا  ڪروونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 37 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن فوت ٿي ويلن جو ٽوٽل انگ 8 هزار 398 ٿي ويو آهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) موجب ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 795 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 4 لک 20 هزار 294 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 56 هزار 542  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 55 هزار 354 علاج هيٺ آهن. ڪورونا سڀڀ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. جتي 3 هزار 177 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ 3 هزار 19، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 413، اسلام آباد ۾ 341، گلگت بلتستان ۾ 98، بلوچستان ۾ 169 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 181 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 32 هزار 816، خيبرپختونخواهه ۾ 49 هزار 676، سنڌ ۾ هڪ لک 84 هزار 486، پنجاب ۾ هڪ لک 23 هزار 762، بلوچستان ۾ 17 هزار 466، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 356 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 732 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا هاڪاري ڪيسن جي شرح 17.39 سيڪڙو آهي. اين سي او سي موجب حيدراباد ۾ هاڪاري ڪسن جي شرح 17.43 سيڪڙو ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ 10.83 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 11.62، گلگت بلتستان ۾ 2.68، اسلام آباد 6.16، خيبرپختونخواهه 11.29 ۽ سنڌ ۾ 11.47 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.42 ٿي وئي آهي. لاهور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.47، راولپنڊي ۾ 11.26 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پشاور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 16.2، ڪوئٽه ۾ 6.19 ۽ ميرپور ۾ ڪيسن جي شرح 22 سيڪڙو تائين ٿي  وئي آهي.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز اڄ لاهور ۾ ريلي جي اڳواڻي ڪندي

Read Next

وفاق صوبن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿياربند جٿن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي

Most Popular