وفاق صوبن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿياربند جٿن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  وفاقي گهرو وزارت صوبائي حڪومتن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿياربند ونگز جي خلاف  قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.  وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو  ويو آهي ته مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پنهنجا هٿياربند جٿا ٺاهي رکيا آهن جيڪي  هٿياربند فوج جهڙي وردي ۽ رينڪس لڳائيندا آهن.  هٿياربند جٿا ٺاهڻ آئين جي آرٽيڪل 256 ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي ٽئين نڪتي جي ڀڃڪڙي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙيون پارٽيون غلط مثال قائم ڪري رهيون آهن.  ان معاملي سان ملڪ جي سڄي دنيا ۾ ساک متاثر ٿئي ٿي. هنن هٿياربند  جٿن خلاف جيڪڏهن ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.   سموريون صوبائي حڪومتون فوري طور تي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. وفاقي حڪومت هن معاملي ۾ هر طرح جي مدد لاءِ تيار آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ ستٽيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

ملڪ ۾ منشيات جو واهپو تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Most Popular