27 نومبر تي اسڪول ۾ ٿيل معمولي جهڙي تان 10 ڪلاس جي شاگرد زيشان حيدر شيخ کي جوابدار سڪندر شاهه جرنيل شاهه وچ روڊ تي سري عام گوليون هڻي قتل ڪيو هو

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ٻٻرلوءِ جي رهواسي جاڙو شيخ، نديم عباس، محمد علي، فريد علي شيخ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 27 نومبر تي اسڪول ۾ ٿيل معمولي جهڙي تان 10 ڪلاس جي شاگرد زيشان حيدر شيخ کي جوابدار سڪندر شاهه، امير حيدر شاهه، علي مهدي شاهه، علمدار شاهه، جرنيل شاهه وچ روڊ تي سري عام گوليون هڻي قتل ڪيو هو. اهڙي واقعي جو ڪيس ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو. هنن چيو ته مک جوابدار دلدار شاهه ايس ايس پي خيرپور جو دوست هجڻ سبب سندس نالو ڪيس ۾ نالي شامل ڪيو ويو. جوابدار ڌر جي پيپلز پارٽي خيرپور جي اڳواڻ سيد نفيسا شاهه ۽ ايس ايس پي خيرپور پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. جنهن سبب کين گرفتار نه پيو ڪيو وڃي. جوابدار کلي عام شهر ۾ گهمي رهيا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور هن وقت تائين ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. هنن چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.هنن آءِ جي سنڌ، اي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

Read Previous

خيرپور جي لقمان پاڙي جي رهواسي علي مردان لنجواڻي گهر واري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Read Next

چونڊون 2021 ڀرياروڊ پريس ڪلب جون اليڪشن ڪميشن جي چئير مين حبيب اللح مغل جنرل سيڪٽري جو شيرراز احمدکوکر جي نگراني ۾ ٿيون

Most Popular