خيرپور جي لقمان پاڙي جي رهواسي علي مردان لنجواڻي گهر واري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) خيرپور جي لقمان پاڙي جي رهواسي علي مردان لنجواڻي گهر واري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته سندس گهر واري مسمات روبينا لنجواڻي پنجهنجي مائٽياڻي گلشن لنجواڻي وٽ گهمڻ لاء 2009 ۾ ٽنڊو مستي وئي هئي جتي جوابدار غلام رسول لنجواڻي ۽احمد لنجواڻي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو هو واقعي جي ايف آء آر ٽنڊو مستي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري غلط داخل ڪئي آھي يارهن سال گزري وڃڻ باوجود انصاف ناهي مليو جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين هن وزيراعظم ۔آء جي سنڌ ۔ ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽تحفظ ڏنو وڃي۔

Read Previous

سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ صوبو آهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ر دنيا جي شاهوڪار ثقافت آهي : وائيس چيئرمين نور احمد لاکو

Read Next

27 نومبر تي اسڪول ۾ ٿيل معمولي جهڙي تان 10 ڪلاس جي شاگرد زيشان حيدر شيخ کي جوابدار سڪندر شاهه جرنيل شاهه وچ روڊ تي سري عام گوليون هڻي قتل ڪيو هو

Most Popular