لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي نينگر جي والد ميهر علي ڀٽو پنهنجي ڀاءُ علي ڏنو ڀٽو ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 8 مهينا اڳ منهنجو 14 سالن جو پٽ غلام مصطفيٰ ڀٽو پاڙي ٻين ٻارن سان گڏ راند کيڏي رهيو هو ته حيدري ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن سپاهي ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو کيس بيگناھ سخت تشدد ڪري ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسان ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ اسان عدالت سڳوري ۾ درخواست داخل ڪرائي سين ۽ عدالتي حڪم تي گذريل 10 فيبروري جي ڏينهن پوليس اهلڪارن ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو مٿان اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿي ان وقت ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ٻنهي اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، جيڪي هن وقت آزاد آهن، جڏهن ته ٻه مهينا اڳ نينگر غلام مصطفيٰ جي قبرڪشائي پڻ ٿي هئي، جنهن جي رپورٽ ۾ تشدد جو ڪو به ذڪر ناهي ان مان ثابت آهي ته ڊاڪٽر ۽ پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سمورن اهڪارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪشمور پوليس جي زيادتين خلاف نصيراني برادري جو پريس ڪلب جي ٻاهر احتجاج

Read Next

نوابشاھ لڳ ڳوٺ رئيس امان الله زرداري جي ڳوٺ ۾ وڏي عظيم الشان يارهين شريف ميلاد ڪئي وئي

Most Popular