سيد غلام حيدر شاھ قلندري ھوشياري کي ئي خبرداري ڪوٺبو آهي، ھميشه اکيون چار ھجن، ڏاھن جو چوڻ ھوندو ھو تي کوٽن ۽ کرن کي ڏسي اندازو لڳائي خريدڻ گھرجي متان ڪو نقصان نه پئجي وڃي، مسواڙ يا ڀاڙي واري سواري ۾ جيترو سوار کي سواري جي جانچ ڪرڻ گھرجي اوترو وري کڻڻ واري کي پنهنجي سواري جي به چڪاس ڪرڻ گھرجي، ڪٿي ڪا ڪمي پيشي تہ ڪانھي جو سفر ۾ دوکو نڪري.
چون ٿا ته اڳي وقت ۾ ٿانوَ وٺڻ وارا ٿانوَ کي ٺڪائيندا ھئا، جيئن اڄڪلھ شادي جي لاءِ ٻنھي طرفن کا ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جي ضرورت پوي پئي، ڀلي کڻي ڪيتري ويجھڙائيءَ ڇو نہ ھجي، وبائي ۽ موسمي تبديليءَ جي ڪري احتياط لازمي آهي، جيئن اڄڪلھ ھر طرف ڪٽوتين جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي، ڪٿي ڪٿي ڪھڙي ڪھڙي فيس ۾، داخلا ۾، آفيس ۾، رشتيداري ۾، دوستيءَ جي اصولن ۾، ايستائين جو في سبيل الله جي رقمن ۾ بہ ڪنھن نه ڪنھن نموني يارڙا ڪٽوتيون ڪندي ڏٺا ويا آھن، يا کڻي ائين چئجي ته پڪڙيا ويا آھن ڪنھن نئي جديد دنيا جي ڪيميرا جي اک سان.
ائين ويچارا اُٺ ھميشه بار کڻڻ جي ڪم ايندا رهندا آهن، سواري ۾ بہ قطب ايندا رھيا آھن، پر چون ٿا ته بي وس اٺن بار ڇڏيو، جتي جديد مشينون به ناڪام ٿي وينديون آھن، ھي وري به جاندار آھن، ھر شيءِ مقدار سان گڏ سٺي ٿي لڳي، اٺ ھوشيار ۽ خبردار جانور به آھي ۽ چون ٿا ته بي پتو به آھي، ڇو جو جنھن وڻ سان ٻڌجي ٿو تنهن وڻ کي ئي کائڻ شروع ڪندؤ آھي، ڪڏھن ته وجھ ڏسي پنهنجي مالڪ کي به زخميءَ ڪري ڇڏي ٿو، اھو حسدي ۽ بي اعتبارو جانور آهي، شاھ لطيف اٺ جي سڀني نسلن کي تمام گھڻو ڳايو آھي، ڪڏھن نفس سان تشبيهه ڏني اٿس، ڪڏھن ڪنواٽ جي روپ ۾ گلن جي باغ ۾ کولڻ جو چيو اٿس، انھيءَ شرط سان ڏسون چڪ پائي ٿو ڪنھن خوبصورت گل کي، اھا لطيف جي پرک چئي سگهجي ٿي، وري سسئيءَ جي ڏيرن جي اٺن جي ڳالھ ڪري ٿو جيڪا روحانيت اجل جي فرشتن سان تعمير ڪري ٿي، وري ماروئي واري اٺ جيڪو عمر سومري جو ھو ان ۾ بہ زڪر ملي ٿو، مقصد ھتي وارو اٺ ڏسي پيو اھو سڄو وزن جيڪو گڏ ڪيو پيو وڃي آخرڪار مون تي پوڻو آھي، تڏھن اڳواٽ ڊڪ ڊوڙ مان رڙيون ڪري مالڪ جي نافرماني ڪري ٿو، فقط وھمن ۽ وسوسن ۾ اچي، جڏھن سچ ۽ حق جا سچار ٻورا ٻڌڻ شروع ڪندا آھن، وري بي وفا اٺ رڙندا ڏٺا ويندا آهن، جيڪڏهن دوستو اھڙا بي وفا اٺ رڙن ته سمجھو وفا جو بوجھ کڻڻ سولو ناھي، سٺو انھيءَ ۾ آھي ته اھڙن بي وفا اٺن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄو.