نوشھروفيروز: ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو، نوجوان جو پيرسن پيءُ جو قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ، جيستائين پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا مرڻ گهڙي تائين منهنجو احتجاج جاري رهندو پيرسن. خبر موجب تقريبن 4 سال اڳ ڀريا پوليس هٿان مبينه طور قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن عبدالله اعواڻ، موسيٰ سولنگي ۽ ٻين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. نوجوان جي پيرسن پيءُ خان محمد سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته رشوت جا پئسا نه ڏيڻ تان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي منهنجي پٽ شفيق احمد سولنگي کي بيگناهه قتل ڪندڙ قاتل هن مهل تائين سرعام گهمي رهيا آهن جيڪي اسان کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هن ملڪ جي عدالتن انصاف نه ڏنو ته مٿي رب جي عدالت هڪ ڏينهن ضرور انصاف ڪندي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پٽ جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

سانگهڙ : پيٽروليم سوشل ويلفيئر ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر نويد ڏيرو جي صدارت هيٺ اجلاس

Read Next

نوشھروفيروز: احساس ڪفالت سينٽر عذاب سينٽر بڻجي ويو، مستحق عورتن جي آيل رقم مان سري عام ڪٽوتي جاري

Most Popular