نوشھروفيروز: احساس ڪفالت سينٽر عذاب سينٽر بڻجي ويو، مستحق عورتن جي آيل رقم مان سري عام ڪٽوتي جاري

نوشھروفيروز (ڊ ر) احساس ڪفالت سينٽر عذاب سينٽر بڻجي ويو، مستحق عورتن جي آيل رقم مان سري عام ڪٽوتي جاري، ضلعي انتظاميا کان رقم واپس ڪرائي مشين مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو۔ خبر موجب نوشھروفيروز جي ڊگري ڪاليج ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ ڊوائيس مالڪن طرفان 500 کان 1هزار رپين تائين مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري آھي۔ صحافين آڏو احتجاج ڪندي متاثر عورتن مسمات حاڪم زادي ڪلهوڙو، مسمات سهڻي ڪلهوڙو، ذوليخا ٻڌايو ته اسان هڪ ته اسان جي امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي ته ٻئي طرف اسان کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. مستحق عورتن جو چوڻ هو ته ڊگري ڪاليج ۾ ايجنٽن جي معرفت مشينن جا مالڪ رشوت ڏيندڙن کي فوري طور پئسا ڪڍي ڏين ٿا جڏهن ته رقم نه ڏيندڙ عورتن کي سڄو ڏينهن انتظار ڪرائي پريشان ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته اتي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پوليس اهلڪار به انهن سان ٻٽ بڻيل آھن۔ هنن ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن کي گرفتار ڪري رقم واپس ڏياري وڃي۔

Read Previous

نوشھروفيروز: ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو

Read Next

نوشهروفيروز: آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهر ۾ بلديا ملازمن جون پگهارون بند هجڻ خلاف احتجاج

Most Popular