نوشهروفيروز: آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهر ۾ بلديا ملازمن جون پگهارون بند هجڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز : نوشهروفيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهر ۾ بلديا ملازمن جون پگهارون بند هجڻ خلاف تنظيم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڪشن راجا , چيف آرگنائيزر شڪيل احمد وسطڙو , محمد علي لاکو , نويد احمد تڳر , پير اشرف علي , محبوب علي سولنگي , نذير احمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جن مطالبن جي حق ۾ نعري بازي ڪئي جن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن راڻيپور , مانجهند , جوهي ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن جڏهن ته ملازم پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان پيا ڪن گندگي صاف ڪندڙن سان به اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن چيو ته پگهارون بند هجڻ ڪري بلديا جا ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي وڪري جا اعلان ڪري رهيا آهن هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بلديا جي ملازمن جون پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته پوء سڄي سنڌ جا ملازم سراپا احتجاج بڻجي ويندا

Read Previous

نوشھروفيروز: احساس ڪفالت سينٽر عذاب سينٽر بڻجي ويو، مستحق عورتن جي آيل رقم مان سري عام ڪٽوتي جاري

Read Next

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبضو ختم ڪراڻ جو حڪم تي عمل

Most Popular