خيرپور : ٻٻرلوءِ ۾ 12 ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪيل شاگرد ذيشان حيدر شيخ جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاج

خيرپور (ڊر) خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ۾ 12 ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪيل شاگرد ذيشان حيدر شيخ جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاج، جوابدار اسان کي مٿان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل. خبر موجب ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ 12 ڏينهن اڳ سيد ۽ شيخ برادي جي جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل ميٽرڪ جي شاگرد ذيشان حيدر شيخ جي وارثن نديم عباس شيخ، عرفان، فريد، الطاف شيخ ۽ ٻين سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر جوابدارن سيد سڪندر شاهه، امير علي شاهه، علي مهدي شاهه، علمدار شاهه پنهنجي هٿياربندن سان گڏ پراڻي قومي شاهراهه تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان ذيشان حيدر شيخ کي بيگناهه قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو ڪيس ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري، پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ پوليس قتل ڪيس ۾ 7 اي ٽي اي جا قلم به لاڳو نه ڪيا آهن، هنن ٻڌايو ته جوابدار جا ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن هو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي متمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن اعليٰ عدالتن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ذيشان حيدر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

خيرپور: گسٽا مهيسر سنڌ جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس خيرپور ۾ مرڪزي صدر مقصود مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Read Next

ڀرياروڊ : 300 ڪٺا اٺي جا ڀر ياروڊ شھر ۾ 10 ڪلو وارا 418 روپيا جي سستي اگھ تي ڏن

Most Popular