خيرپور: گسٽا مهيسر سنڌ جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس خيرپور ۾ مرڪزي صدر مقصود مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

خيرپور (ڊر) گسٽا مهيسر سنڌ جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس خيرپور ۾ مرڪزي صدر مقصود مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ مهر، سينئر نائب صدر حسين بخش خميساڻي، نائب صدر محمد بچل ابڙو، نائب صدر غزاله اقبال، شهزادي ڀرڳڙي، صداقت علي، لياقت علي ميراڻي، علي شير ملڪ، انور علي ميمڻ، حاجي رفيق ڪنڀر سميت سموري سنڌ جي استادن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي مقصود مهيسر، عبدالحفيظ مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم کي هٿ کان وٺي تباهي ڪناري پهچايو آهي، هنن چيو ته ڪورونا جي صورتحال ۾ حڪومت پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جي ٻارن کي اسڪولن کان پري رکيو آهي جڏهن ته سياسي جلسا ڏينهون ڏينهن ٿيندا رهن ٿا، جتي ڪنهن به قسم جي ايس او پيز جو خيال نٿو رکيو وڃي، اسان حڪومت جي اهڙي حڪمت عملي کي مڪمل طور در ڪيون ٿا، اجلاس ۾ فيلا ڪيا ويا ته سنڌ اندر جديد سائنسي بنيادن تي ڪورونا کان تحفظ لاءِ عمل ڪندي تعليمي ادارا فل فور کوليا وڃن، اسڪون جي زبون حالي ختم ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي اُپاءَ ورتا وڃن، سنڌ جي هر اسڪول ۾ ماڊرن انفارميشن ٽيڪنالاجي ليب قائم ڪئي وڃي، اين ٽي ايس، سنڌ يونيوسٽي، اقرا، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي ڊيٽ آف اپائنٽمينٽ کان ريگيولر ڪري پروموشن ڏنو وڃي، جي ايس ٽيز کي 17 ٽائيم اسيڪل ڏنو وڃي، 2012 ۾ ڀرتي ڪيل ادر ڪيڊر استادن جو پگهارون جاري ڪيون وڃن، اجلاس ۾ اهي به فيصلا ڪيا ويا ته ادر ڪيڊر استادن جو پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته 25 ڊسمبر کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، 10 جنوري تي تعليم بابت سيمينار منعقد ڪيو ويندو، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪمون شهيد بارڊر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.

Read Previous

خيرپور بار جي نائب جي آفيس ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف برادري سراپا احتجاج بڻيل، عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ

Read Next

خيرپور : ٻٻرلوءِ ۾ 12 ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪيل شاگرد ذيشان حيدر شيخ جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاج

Most Popular