لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي جوابدار عامر علي شاهاڻي جي وارثن طرفان خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي جوابدار عامر علي شاهاڻي جي وارثن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي لاڙڪاڻو پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي علي حسن شاهاڻي پنهنجي مائٽن توڙي دوستن علي محمد شاهاڻي، فضل محمد شاهاڻي، سعيد خان ڏهر، اسد علي شاهاڻي، الله بخش ڀٽو، محمد اسحاق مهر، عبدالحفيظ جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن فريد آباد واسي هڪ ڳوٺاڻي کان نامعلوم ڦورن ڦر ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ متاثر ڳوٺاڻي ۽ پوليس خوجي ڪتا گهرايا هئا، جيڪي ڪتا اسان جي ڳوٺ ۾ گهر اڳيان اچي ويهي رهيا، جنهن تي ڊي ايس پي باقراڻي ۽ ايس ايڇ او باقراڻي منهنجي نوجوان پٽ عامر علي شاهاڻي کي شڪ جي بنياد تي ٿاڻي تي وٺي ويا، پٽ جي گرفتاري کان پوءِ مان ڳوٺ جا معزز ماڻهو توڙي نياڻيون ساڻ ڪري متاثر ڳوٺاڻي ڏانهن لنگهي ويس ۽ کيس خاطري ڪرائي ته توهان جاچ ڪرايو جيڪڏهن منهنجو پٽ 5 سالن کان پوءِ به ڏوهي نڪري ته مان توهان کي ٻيڻ تي ڏنڍ ڀري ڏيندس. هن الزام لڳايو ته ڪالھ رات جي وقت رتوديرو ٿاڻي جي پوليس بيگناھ منهنجي نوجوان پورهيت پٽ عامر علي شاهاڻي کي ڪوڙي مقابلي ۾ گولي هڻي زخمي ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

ڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي ٻن پورهيت ڀائرن طرفان جڳھ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

Most Popular