ڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي ٻن پورهيت ڀائرن طرفان جڳھ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي ٻن پورهيت ڀائرن طرفان جڳھ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورهيت قربان علي پنهنجي ننڍي ڀاءُ عطاءُ الله سولنگي سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر علي شير سولنگي، محمد خان سولنگي، علي نواز ۽ محمد عمر سولنگي اسان جي 2 هزار فوٽ تي ٺهيل گهر تي زبردستي قبضو ڪيو آهي، اهڙي دانهن اسان حد جي حيدري ٿاڻي تي ڏني سين، پر پوليس اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي، جنهن کان پوءِ اسان اهڙو ڪيس لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ کان پوءِ بااثر اسان مٿان ڏمرجي پيا آهن ۽ هو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي مٿي ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي جڳھ تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي نوجوان طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي جوابدار عامر علي شاهاڻي جي وارثن طرفان خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular