ڀارت هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جي تيارين ۾ رڌل، پاڪ فوج هاءِ الرٽ

اسلام آباد  ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر خطي جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن سبب پاڪستان جون هٿياربند فوجون هاءِ الرٽ آهن. معتبر ذريعن موجب لداخ ۽ دو ڪلم ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ اندرين ۽ ٻاهرين دٻاءَ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جي تياري ۾ رڌل آهي، ڀارت پلواما ڊرامي جيان ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن ايڪشن جي تياري ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت بارڊر ايڪشن يا سرجيڪل اسٽرائيڪ جو سهارو وٺي سگهي ٿو، ڀارت اقليتن سان خراب ورتاءَ، هارين جي احتجاج، والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ظلم، عالمي ميڊيا ۽ ادارن جي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هٿياربند فوجن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.  ان کان اڳ 2016 ۾ به ڀارت ناڪام سرجيڪل اسٽرائيڪس جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ 26 فيبروري 2019 ۾ به ڀارت هڪ اهڙي ئي ناڪام آپريشن جي ڪوشش ڪئي هئي. ڀارتي پنجاب ۾ جاري هاري تحريڪ مان خالصتان تحريڪ کي اڀرڻ کان روڪڻ لاءِ ۽ ان جو زور ٽوڙڻ لاءِ ڀارت شرپسندي جي تياري ڪري رهيو آهي.

Read Previous

عظميٰ بخاري سميت ڪيترن ئي ن ليگ ميمبرن پارٽي وٽ استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون

Read Next

پنهنجين بدعنوانين تي به غور ڪرڻو پوندو

Most Popular