عظميٰ بخاري سميت ڪيترن ئي ن ليگ ميمبرن پارٽي وٽ استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون

لاهور  ن ليگ جي عظميٰ بخاري سميت ٻين ميمبرن به استعيفائون پارٽي قيادت کي جمع ڪرائي ڇڏيون. پي ڊي ايم طرفان اسيمبلي ميمبرن کي استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت کانپوءِ ن ليگ ميمبرن طرفان استعيفائون جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ن ليگ ايم پي اي راحيلا خادم حسين، عنيزا فاطمه، عظميٰ بخاري ۽ سندس مڙس سميع الله خان به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ان کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمود ورڪ، ايم پي اي صفدر شاڪر، ملڪ صهيب احمد، ايم پي اي مظفر قيوم به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت کي ڏئي ڇڏي آهي. ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله موجب خرم دستگير سميت 20 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن استعيفائن جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي، ڪجهه ميمبرن استعيفائون موڪليون آهن، باقي موڪلي رهيا آهن.

Read Previous

مودي جون مثالون ڏيندڙ اپوزيشن اڳواڻ اڄ پاڻ جلسا ۽ جلوس ڪري رهيا آهن: وزيراعظم

Read Next

ڀارت هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جي تيارين ۾ رڌل، پاڪ فوج هاءِ الرٽ

Most Popular