سجاول: احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ھجڻ ڪري ڪاليج جي ٻاھران ھجوم ھوندو آھي جنھن سبب ڪاليج جي اسٽاف ۽ شاگردن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي

سجاول(ڊر)بوائز ڊگري ڪاليج سجاول جي پرنسيپل زاھد احمد شيخ پاران جاڙي ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آھي.ته سجاول ڪاليج ۾ امتحاني فارم ڀرجي رھيا آھن.ڪاليج ۾ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ھجڻ ڪري ڪاليج جي ٻاھران ھجوم ھوندو آھي جنھن سبب ڪاليج جي اسٽاف ۽ شاگردن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.اندڙ ڪاليج ۾ داخل نٿا ٿي سگھون.ليڪچرار سائين حسن ڀٽي،سائين الله ڀچايو چيو ته بوائز ڪاليج کي کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪي آھي.گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن.ھنن چيو ته ڪاليج ۾ ٽوٽل 325 شاگردن مان 25شاگردن جو چالان وصول ٿيو آھي باقي ٽي سئو شاگردن جو چالان نه ملي سهىگھيو جنھن سبب ٽي سئو شاگردن جو مستقبل دانھون تي لڳل آھي.فيل ٿيڻ جو پڻ خدشو آھي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سجاول بوائز ڪاليج مان احساس ڪفالت سينٽر ختم ڪرايو وڃي.ته جئين شاگردن جو مسقبل ڀچي سگھي.

Read Previous

ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي ڊي سي هائوس کان سجاول پريس ڪلب تائين ھڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڪرپشن خلاف ريلي اي سي آفيس کان ڪڍي وئي

Most Popular