ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي ڊي سي هائوس کان سجاول پريس ڪلب تائين ھڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي

سجاول: (رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي انتظاميه سجاول پاران اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري،سرڪل آفيسر بهادر علي مگسي جي سربراهي ۾ ڊي سي هائوس کان سجاول پريس ڪلب تائين ھڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن سرڪاري عملدارن چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو واحد مقصد معاشري ۾ بدعنواني ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت آگاهي ۽ شعور بيدار ڪرڻ آهي، ڪرپشن معاشري ۾ ناسور وانگر آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ معاشري جي هر فرد کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگهي. هنن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز به ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۾ آهي، هنن چيو ته ڪرپشن هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ آهي، ڪرپشن اسان جي وطن، اسان جي ادارن ۽ اسان جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. ھنن چيو ته ڪرپشن نه فقط ادارن بلڪه اسان جي روين ۾ به آهي، ان ڪري ڪرپشن جون پاڙون پٽڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي روين کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو کي عهد ڪرڻو پوندو جڏهن ته پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا نه ڪرڻ ۽ ڪنهن سان ناانصافي ڪرڻ به بدعنواني ۾ شامل آهي. ريلي ۾ڊي ايس پي سجاول،اينٽي ڪرپشن جي شھزاد خاصخيلي،عبدالحق سميت ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

سکر ۾ رشوت خلاف بين الاقوامي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن پاران آگاهي واڪ

Read Next

سجاول: احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ھجڻ ڪري ڪاليج جي ٻاھران ھجوم ھوندو آھي جنھن سبب ڪاليج جي اسٽاف ۽ شاگردن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي

Most Popular