پاڪستاني شاهينن ڪوئنز ٽائون ۾ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

لاهور: پاڪستان جي شاهينن نيوزيلينڊ جي شهر ڪوئنز ٽائون ۾ پنهنجون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ اسڪواڊ ڪرائيسٽ چرچ ۾ آئسوليشن جو ڏکيو وقت گذارڻ بعد هاڻ ڪوئنز ٽائون ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن جتي اسڪواڊ، ٽوئنٽي ٽيم ۽ پاڪستان شاهينز مختلف وقتن ۾ ٽريننگ جاري رکيو اچن ۽ ٻيو اسڪواڊز پنهنجي پنهنجي ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني ۾ ڀرپور ٽريننگ ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 18 ڊسمبر کان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻي آهي جڏهن ته پاڪستان شاهينز  کينيوزيلينڊ خلاف واحد 4 ڏينهن جا ميچ کيڏڻا آهن، پاڪستان شاهينز ۾ پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر به شامل آهن.

Read Previous

اپوزيشن جي استعيفيٰ جو فائدو حڪومت کي ئي ٿيندو: اعتزاز احسن

Read Next

ڀارت ۾ عورت سان سترهن ڄڻن اجتماعي زيادتي ڪئي

Most Popular