اپوزيشن جي استعيفيٰ جو فائدو حڪومت کي ئي ٿيندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد پ پ جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته اپوزيشن جي استعيفيٰ جو فائدو حڪومت کي ٿيندو، پنجاب ۾ اپوزيشن استعيفيٰ ڏيندي ته عمران خان کي وڌيڪ سيٽون ملي وينديون.خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته اسان ڪنهن جي ماتحت نه آزاد فيصلن جو اختيار رکون ٿا، اپوزيشن ميمبرن جي استعيفيٰ جي صورت ۾ اليڪٽورل ڪالج ٺهندو آهي پر ان جو فائدو نه ٿيندو، اپوزيشن جي استعيفيٰ جو فائدو رڳو حڪومت کي ٿيندو.هن چيو اسيمبليون استعيفائن سان ناهن ٽٽنديون، ڪورم اسيمبلي آهي، قانون سازي ڪري سگهجي ٿي پر آئيني ترميم نه، 150 استعيفائون به اچي وڃن ته قومي اسيمبلي موجود رهندي.سندس موجب پنجاب ۾ اپوزيشن استعيفيٰ ڏيندي ته عمران خان کي وڌيڪ سيٽون ملي وينديون، سنڌ ۾ استعيفائون ڏنيون ويون ته نگران وڏو وزير اچي ويندو.

Read Previous

ڳڙھي خيرو: احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽ کان نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 12 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار، واقعي جي خلاف احتجاجي مظاھرو روڊ بلاڪ

Read Next

پاڪستاني شاهينن ڪوئنز ٽائون ۾ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

Most Popular