لاڙڪاڻي : سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد ايوب قريشي، علي ڏنو گاد، محمد عاقل جتوئي، محمود علي ملگاڻي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان سال 2009ع دوران تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن توڙي ڪلارڪن ۽ سياسي عهديدارن ملي ڀڳت ڪري پئسن ۽ پنهنجا نوازي تحت جعلي ڀرتيون ڪري اسان حقدارن کي پنهنجي جائز حق کان محروم ڪندي اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي خاطري ڪرائي وئي ته ايندڙ ڀرتين ۾ توهان کي آرڊر ڏنا ويندا، جنهن کان پوءِ هن وقت تائين آرڊر ڪو نه ملي سگهيا آهن. هن چيو ته سال 2012 ۽ 2018ع ۾ به تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ٿيون حيرت جي ڳالهه آهي ته 2018ع دوران فيل ٿيل اميدوارن کي 50 کان وڌيڪ مارڪون ڏئي آرڊر جاري ڪيا ويا جڏهن ته اسان 60 کان 85 سيڪڙو مارڪن وارن کي پلس پي ٽي سي، ڪمپيوٽر ڪورس ۽ بي ايڊ، ايم اي جون ڊگريون هئڻ جي باوجود ڀرتي نه ڪيو ويو. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي جي رهواسي پيرسن عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي شڪارپور جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular