لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي جي رهواسي پيرسن عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي شڪارپور جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي جي رهواسي پيرسن عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي شڪارپور جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت غلام زهرا شيخ پنهنجي پٽن محمد علي شيخ، صبغت الله ننهن راحيلا ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان اصل شڪارپور جي ڳوٺ صادق جيهو جا رهواسي آهيون، ڪافي عرصي کان لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهيون، ڪجھ مهينا اڳ پنهنجي پٽ نعمت الله شيخ جي شادي شڪارپور واسي غلام شبير شيخ جي نياڻي آسيه سان ڪرائي هئي، شادي کان پوءِ نعمت الله پنهنجي گهرواري سان گڏجي پريالو شهر گهمڻ ويو ته آسيه جي ويڳي ڀاءُ نصرالله ۽ سئوٽ شهزادو شيخ پريالو ٿاڻي تي گذريل 8 آگسٽ جي ڏينهن ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي پٽ نعمت الله ۽ محمد صالح کي گرفتار ڪرايو، ساڳئي ڏينهن تي رات جو ننهن آسيه کي اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته ٻي ڏينهن 9 آگسٽ تي نصرالله شيخ شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي تي نعمت الله سندس ويڳن ڀائرن محمد صالح ۽ محمد علي شيخ مٿان ننهن آسيه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ تشدد ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس نعمت الله کي گرفتار ڪري شڪارپور جيل موڪلي ڇڏيو، جيڪو چئن مهينن کان وٺي بيگناھ قيد ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن ته محمد علي ۽ محمد صالح شيخ ضمانت تي آزاد آهن. هن چيو ته ڳوٺ ۾ اسان جي اڍائي جريب زمين آهي، جنهن تي بااثر مائٽ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن، اهڙي شڪايت اسان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ڪئي آهي، پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سڪرنڊ: اصغريہ علم وعمل تحريڪ پاڪستان يونٽ سڪرنڊ جي نئين مير ڪاروان جي چونڊ جي لاء ھڪ اھم اجلاس

Read Next

لاڙڪاڻي : سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular