خيرپور : صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيس خيرپور جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو

خيرپور (ڊر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيس خيرپور جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. دوري دوران ريجنل اليڪشن ڪمشنر سکر ميان محمد شاهد، ڊپٽي ڊائريڪٽر اليڪشن ڪميشن سنڌ سيد عامر حسين شاه ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر خيرپور ظهير احمد سهتو پڻ موجود هو. ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ضلعي اليڪشن ڪمشنر کي هدايت ڪندي چيو ته آفيس جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن عام ماڻهن کي فائدو حاصل ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام کي ووٽ جي طاقت سان مضبوط ڪري سگهجي. ان کان اڳ ضلعي اليڪشن ڪمشنر پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي انتظامي معاملن ۽ ڪاڪردگي متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني.

Read Previous

راڻيپور مان نوجوان عورت ٻن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم مڙس جو احتجاج ڳولها ۾ مدد جي اپيل

Read Next

خيرپور : آءِ بي اي ذريعي جي اي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular