راڻيپور مان نوجوان عورت ٻن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم مڙس جو احتجاج ڳولها ۾ مدد جي اپيل

راڻيپور مان نوجوان عورت ٻن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم مڙس جو احتجاج ڳولها ۾ مدد جي اپيل رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ عبدالمجيد چانڊيو جي ڪالوني ۾ رهواسڻ چاليھ ورهين جي نوجوان عورت ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات ببلي شيخ هڪ مهيني کان پراسرار نموني اوچتو گم آهي جنهن واقعي خلاف سندس مڙس محمد هاشم شيخ انٽرنيشنل پريس ڪلب ۾ پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي نڪاح ٻڌي زال هڪ مهيني کان گم آهي جيڪا ڏينهن جو ڪم سانگي گهران نڪتي ته وري واپس نه ٿئي آهي جڏهن ته ٽن ۽ چار ورهين جا معصوم ٻه ٻارڙا گهر ڇڏي وئي آهي جيڪي ماءُ کانسواء پريشان آهن جڏهن ته اهڙي واقعي جي ٿاڻي ۾ پوليس وٽ به دانهن کڻي وياسين پر پوليس ٽال مٽول ڪري واپس موٽائي ڇڏيو ۽اين سي داخل ڪرائڻ لاء به رشوت طلب ڪري رهي هئي هن چيو ته مان هڪ غريب پورهيت آهيان مالي حالات به ڪمزور آهن پوليس به مدد نه ٿي ڪري انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو آهي ته مسمات ببلي جي ڳولها ۾ مدد ڪري اسانجي پريشاني دور ڪئي وڃي

Read Previous

سجاول : شيرازي گروپ جو اڳواڻ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي لاڏاڻو، جنازي نماز ادا

Read Next

خيرپور : صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيس خيرپور جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو

Most Popular