مسلم ليگ(ن) سي اي سي ۽ ورڪنگ ڪاميٽين جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پارٽي مرڪزي فيصلا ساز ڪاميٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ۽ ورڪنگ ڪاميٽين جو گڏيل اجلاس 14 ڊسمبر منجهند 2 وڳي لاهور ۾ ٿيندو. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي 8 ڊسمبر جي سربراهي اجلاس جي فيصلن جي توسيع ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس جي فيصلن تي  عمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جي منظوري به ڏني ويندي. مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ووٽ چور حڪومت کي اقتدار مان ٻاهر ڪرڻ جي حڪمت عملي تي صلاح ٿيندي، ووٽ چور حڪومت کان عوام کي نجات جا فيصلا ٿيندا.

Read Previous

لنڊن ۾ سک برادري جو احتجاج، ڀارتي هاءِ ڪميشن جو ڪنٽرول اسڪاٽ لينڊ يارڊ حوالي

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، ٽي هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Most Popular