ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، ٽي هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 50 ڄڻن کان زندگي کسي ورتي جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 42596 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3047 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته وائرس جي ڪري 50 ڄڻا زندگي هارائي ويٺا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا اچڻ جي شرح 7.1 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8653 ٿي ويو آهي ۽ جنهن کانپوءِ ڪيسن جو انگ 4 لک 32327 تائين پهتو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 44582 آهي. ان کان علاوه پوري ملڪ 24 ڪلاڪن دوران 4791 مريض ڪورونا جي مرض مان صحتياب ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 379092 ٿي ويو آهي.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) سي اي سي ۽ ورڪنگ ڪاميٽين جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي، شيخ رشيد گهرو وزير ٿي ويو

Most Popular