سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
جتي چوڻ ئي چريائي، اتي ٻڌڻ ۾ ٻيائيءَ، پوءِ ڀلا ڪھڙا چٻرن کي سج ڏيکارجن؟ جن جي بصارت ۾ بغاوت ھجي يا نزاڪتِ وقت ھجي، يا ترڪاڻي تال ھجي، جي ڪري کَلَ تان تڏھن به سڏائي غازي، جي مري لوڙھو لتاڙيندي ڳائجي شھيد، شھيد بغير ڪفن جي چور لُچا جُبن ۾ لڪيل، نھارون نابين نيڻن واريون پڪارون وري پرينءَ جي پار جون، چوڪيدار ڳنڊيڇوڙ سڏجي قاضيءَ ڪمدار، شرافت لولي(ٿري لفظ ماني) لوڻ، مٿان ٻرڪجن صنعم مرچ زخمن تي بهرحال ھاڻ ته مرچ ڪو نه ملندا خاص ڪري ھن سال آئينده ڏسبو، ڦوڪون فوڪڻن واريون جي ڦاٽن ته ھوائون کڻن ھل ھوا ۾، باقي داٻا دلاسا ۽ لڇڻ لڪبا ڪيئن؟ ڳوٿريون سڀ ڦاٽل مٿان ڀرجن ھيٺيان خالي، معيارون ۽ ھجتون ڪھاوتون ڪھاڻيون ڪتابن جون، نڪرن شوقين شڪارن تي مارين ٻلا سمجھي سھا، ڳالھيون پالڻ شينھن جون عادتون گدڙ لومڙي واريون، پنھنجا حساب پراڻا پر زباني ياد، ٻين جا ٿورا ھوائي ھوا اڀ ۾، ڪچھريون ۽ ٺڪاءَ واڄٽ گوڙ ساوڻ وارا ڄڻ بڊو وسي پيو موج ۾، عملي طرح اس سياري واري اعتبار نه پنهنجي ڳالهه تي، اڌارون وري اڪن جي لاباري تي، مقصد سماعت کان ڪن آجا ٻڌڻ لاءِ ويٺا ڪن ڏئي ٻين جا ڳجهه، سونھگڻ ۾ کٿوريءَ ۽ ڍونڊ برابر اچيس، واپرائڻ ۾ فرق نه ڪري ڪو استعمال پرفيوم گلاب جو، سمجھاڻيو نيڪ مردن واريون، افعال لوفر لٽيرن وارا، چپن تي چاشني مٺاس ماکي واپار وياج چيڪن تي، منافو مور سڀ چٽ گھاٽو ڏوھ خدا تي، قدم قدم تي احتياط لازمي آهي. دوستو ڏڦير وڏو ڏيهه جي ماڻھن ۾، اونداه ھن سماج ۾ سوجھرو پري کان ڪنھن ھڪ شمع ڏِيو ۾، جلڻ واري وٽ ويچاري جلي پئي روشني شمعدان ۾ ڪانھي تيل اخوت جي ڪمي ضرور آھي، پر ڏِيا شمع جلائيندا، روشن روح مرده ٿيندا، مايوسيءَ حرام آهي، بس جتي مدعي سست، گواھ چست بس مٺيون ڀيڙي ڀڄ.