ايس آر پي جي برطرف ڪيل اھلڪارن پاران پريس ڪلب آڏو نوڪريءَ تي بحال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) ايس آر پي جي برطرف ڪيل اھلڪارن پاران پريس ڪلب آڏو نوڪريءَ تي بحال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي نور تڳر، امداد جتوئي، نجيب الله، حبيب الله عباسي، رانا اڪمل، ثناءُالله انصاري، اسدالله، جاڙو خان تڳر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چئن سالن کان اسان کي بيروزگار ڪري غير قانوني طور برطرف ڪيو ويو آهي جنهن ڪري اسان فاقاڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهيون.هنن چيو ته سڄي سنڌ اندر ايس آر پي جا 3400 سئو اهلڪار برطرف ڪيا ويا هئا جن مان 141 ڄڻن کي بحال ڪيو ويو آهي باقي رهيل اهلڪارن کي بحال نه ڪرڻ ناانصافي آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کان مطالبو ڪيو ته فوري طوري نوڪريءَ تي بحال ڪري فاقاڪشي واري زندگي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ 20 ڊسمبر تي سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد سردار جي ظلمن کان تنڱ ٿي ٻن ڀينرن جو پاڻ ساڙڻ جو چتاء ڏيئي ڇڏيو

Read Next

پڊعيدن جي رهواسين پاران سئوٽن جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Most Popular