پڊعيدن جي رهواسين پاران سئوٽن جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) پڊعيدن جي رهواسين محمد رفيق راڄپر، امداد، منصور، زبير، عاشر راڄپر ۽ ٻين پاران سئوٽن جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته ڏاڏي ۽ پيءَ جي گڏيل ملڪيت تي اسان جا سئوٽ ڊاڪٽر شوڪت، لياقت، پرويز راڄپر زبردستي قبضو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته جوابدارن شهر جا ٻئي دڪان اسان جي لکت بنا کپائي ڇڏيا آهن. اهڙي شڪايت اسان ٿاڻي تي داخل ڪرائي جنهن تي گذريل ڏينهن جوابدارن ٻيهر اسان تي حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن داخل ڪيل درخواست تان هٿ نه کنيو ته توهان کي قتل ڪيو ويندو. هنن چيو ته ملڪيت به اسان جي موتمار ڌمڪيون به اسان کي ڏنيون وڃن ٿيون. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار پرويز راڄپر اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پڊعيدن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

ايس آر پي جي برطرف ڪيل اھلڪارن پاران پريس ڪلب آڏو نوڪريءَ تي بحال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري جي چيئرمين ۽ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٺٽي جي سماجي شخصيت وڏيري علي نواز ڀٽري ملاقات

Most Popular