سجاول : ڳوٺ شاهنواز لغاري ۾ خواجه برادري جي گھرن تي ڪانھن ڪري احتجاجي مظاهرو

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) سجاول ويجھو ڳوٺ شاهنواز لغاري ۾ خواجه برادري جي گھرن تي ڪانھن ڪري سندن گھرن تي قبضو ڪرڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگرو،پنهل ساريو،بابو خواجه،عامر ميمڻ ۽ ٻين سجاول پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لغاري برادري جا ماڻھو اسان جي گھرن تي ٽي ڏينھن اڳ رات جو ٽي بجي گھر ۾ ھٿيارن سان داخل ٿي ڪري اسان کي يرغمال بڻائي گھر تي قبضو ڪيو آھي.اسان جي گھر ۾ قيمتي سامان جن ۾ سونا زيور،موٽرسائيڪل،زمينن جا ڪاغذ سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا جڏهن ته اسان پنجن ڄڻن کي سڄاتو انهن خلاف سجاول ٿاڻي تي ايف آئي آر ڪرائي پر پوليس صرف ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي باقي جيڪي آهن اھي ماڻھو اڃا تائين اسان جي گھر تي قبضو ڪري ويٺل آھن.ھنن چيو ته پوليس ڪوبه قدم نه کنيو آھي.ڪيس داخل ٿيڻ کانپوء ٻه ئي جوابدار گرفتار ٿيا آھن.جڏھن ته ڪيس ۾ پنج جوابدار ڪيس ۾ داخل آھن.سنڌو نواز چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان ظلم ٿي رھيو آھي.رات وچ ۾ گھرن تي حملو ڪري کين گھر مان ڌڪا ڏئي عورتن کي تذليل ڪيو آهي جنھن سان انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي.ٽن ڏينھن ۾ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ گھر تان قبضو ختم نه ٿيو ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.

Read Previous

سجاول: وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي جي وڇوري تي جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو تعزيت

Read Next

سڪرنڊ شهر اندر هڪئي ڏينهن ۾ ڏوهن جو پنج وارداتون ٿيڻ بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو سڪرنڊ ٿاڻي تي پهچي

Most Popular