سڪرنڊ : سنڌ جو تاريخي ۽ منفرد حيثيت رکندڙ قديمي پئي ٻيلو جيڪو 5000 هزار کان ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي

سڪرنڊ ( رپورٽ ) سنڌ جو تاريخي ۽ منفرد حيثيت رکندڙ قديمي پئي ٻيلو جيڪو 5000 هزار کان ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي هي ٻيلو نيشنل هاء وي تي آباد آھي هي دنيا ۾ به شھرت رکي ٿو ٻيلي کاتي جي ناهلي ڪري هن ٻيلي اندر وڻن جي واڊي ڪري هي ٻيلو پنهنجي سونهن وڃائي رهيو آھي جڏهن ته ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او ۽ ريجنر جي نااهلي ڪري پئي ٻيلي اندر قبضا مافيا سرگرم آھن جڏهن ٻيلي اندر پرائيوٽ ٽيوب ويل پڻ لڳل آھن جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان ٻيلن مان قبضا ختم ڪرائڻ واري حڪم کي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايف او فاريسٽ ديشان ڀنڀرو هوا ۾ اڏائي ڇڏيو پئي ٻيلي اندر ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي صرف فوٽو سيڪشن تائين محدود جڏهن ته پئي فاريسٽ کي آباد ڪرڻ لاء ايندر بجيٽ پڻ ڪرپشن جي ور چڙھيل آھي جڏهن ته ته ٻيلي کاتي جي ملي ڀگت ڪري ڪاٺ جي واڊي روز جو معمول بنيل آھي ، دريعن وٽان معلوم ٿيو آھي پئي ٻيلو اندر ٿيندڙ ڪرپشن جي تحقيقات پڻ هلندڙ آھي مگر ڊي ايف او پئي فارسٽ ء ٻيلي کاتي جا ڪامورا سياسي آشيروارڊ هجڻ ڪري ڪاروائي نه ٿي سگهي آھي هن ٻيلي جي سڃاڻپ بهترين شڪارگاه جي به رهي آهي ، جنهن ۾ وقت جا حڪمران پنهنجي شڪار جو شوق پورو ڪرڻ لاء ايندا رهيا آهن . پاڪستان جو سابق صدر ايوب خان پڻ هرڻن ، تترن ، ٻٽيرن ۽ سهن جو شڪار ڪرڻ لاء پئي ٻيلي جو دورو ڪيو هو ۽ اڄ به پئي ٻيلي ۾ صدر ايوب جي نالي سان منسوب بنگلو پنهنجي عاليشان عظمت سان موجود آهي پر بدقسمتيءَ سان ھن تاريخي ٻيلي مان فاريسٽ عملي جي ملي ڀڳت سان گهڻي وقت کان قيمتي وڻن جي واڍي جاري آهي ۽ هن وقت 5000 هزار ايڪڙن تي مشتمل ٻيلو صرف 500 سو ايڪڙن تائين محدود ٿي ويو آهي . ياد رهي ته سڪرنڊ جون ساڃاهوند سياسي ۽ سماجي ڌريون وقت بوقت قيمتي وڻن جي واڍي ۽ ٿيندڙ تباهيءَ خلاف آواز اٿارينديون رهيون آهن ، پر سنڌ جي هن اثاثي ۽ تاريخ کي هٿ وٺي ميساريو پيو وڃي ۽ فاريسٽ عملو ڪن بااثرن جي پٺڀرائيءَ ۽ سياسي آشيرواد سان نم ، ٽالهي ، ٻٻر ، ٻير ۽ پپر جهڙن ناياب وڻن جي واڍي ڪري انهن جو ڪاٺ ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪري پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن . سڪرنڊ جي شعور پئي ٻيلي جي تباهيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ٻيلي کي بچائڻ لاء ھر فورم تي آواز اٿارينداسين . هنن چيو ته هن عظيم ۽ منفرد تاريخي حيثيت رکندڙ پئي ٻيلي کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي ، ٻيلي کي تباهيءَ ڪناري پهچائڻ وارن هٿن کي روڪيو وڃي ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .

Read Previous

سانگهڙ جي شهمير پنهور ڪالوني جي رهواسين ۽ سڄاڻ ڌرين جو ميونسپل انتظاميه سانگهڙ جي نااهلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد القاسميه عيد گاهه واري گهٽي ۾ 45 سالن جي نامعلوم همراهه جو لاش ڏسي

Most Popular